ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪشمير جي تاريخ کي هندستان جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي سڄي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هندستان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هندستان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
متعلقہ مضامین
-
Security forces kill eight militants in North Waziristan
-
AMAN-21-The message resonates
-
Exorbitant fee of ICT colleges deprive students of higher education
-
Participation of women important for a progressive society, Dr. Firdous
-
Medal Award Ceremony of National Sailing championship held at National Sailing Centre Karachi
-
Firdous seeks media’s support against horse-trading
-
SOUTH CHINA SEA DISPUTE REVEALED
-
South Africa keen to deepen relations with Pakistan: envoy
-
Kidney diseases on the rise in Pakistan: Health experts
-
President Dr Arif Alvi inaugurated the PAF Air War College Institute at Karachi
-
Misconduct proceedings against 21 lawyers in IHC attack case start
-
Launch of Women in Policy Pakistan