اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چي?? آهي ته 2024ع پاڪستان جي سفارتڪاري جي لاءِ هڪ فعال سال رهيو، اسان جون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چي?? ته سال دوران آ??ربائيجان، بيلاروس، بيلجيئم، چي??، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، قازقستان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ برطانيا سان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي جنهن سان انهن ملڪن سان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چي?? ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪيو. هن چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان، چي??، مصر، قازقستان، قطر، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چي?? ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار آذربائيجان، بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چي?? ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي م??بوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزباني پڻ ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، چي??، ايران، قازقستان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، تاجڪستان، ازبڪستان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چي??، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وزيرن پاڪستان جو دورو ڪيو. ترجمان چي?? ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري جنرل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال دوران پاڪستان جا دورا ڪيا.
متعلقہ مضامین
-
PM visits Fazl as PTI eyes grand opposition alliance
-
‘Really suffocating’: Pakistan emerges from record smog season
-
Islamabad court releases journalist Waheed Murad on bail in PECA case
-
مالا ریوارڈز آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
MG آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم: اعلیٰ معیار کا گیمنگ تجربہ
-
روحانی دنیا کے عجائبات کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
UN chief condemns killing of policemen guarding polio workers in Karachi
-
Pakistani Americans observe Black Day in support of Kashmiri people
-
Islamabad police recover 5,023 illicit weapons, detain 12,036 accused in 5 years
-
PML-N not facing court cases, clean government or plain luck?
-
Waste disposal banned within 15KM of Mushaf base
-
DC ordered to ensure rent payment to cemetery