اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه سان علائقائي واپار جي فروغ جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪمانستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو مظهر آهي. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌندا. صدر چيو ته ترڪمانستان جا شاگرد پاڪستان جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ترڪمانستان پاڪستان سان اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي تعاون جو فروغ جاري رکندو. پرڏيهي وزير ٻنهي ڀائر ملڪن کي ڳنڍڻ جي لاءِ موٽرويز ۽ ريلوي جي تعمير تي زور ڏنو.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz’s daughter, son-in-law declared proclaimed offenders
-
Tax depositors are encouraged to pay tax online. Mukesh Kumar Chawla
-
Security forces have given their lives to eradicate terrorism, Sheikh Rashid
-
Women rights NGO DESSI International observed International Women’s Day 2021 at Larkana
-
Ehsaas program dedicated to foster full participation of women in society: Sania Nishtar
-
Imran Khan seeks feasibility report on e-voting to curb corruption
-
President for empowering women through hereditary rights, fiscal independence
-
Provision of essential items at fair prices govt’s top priority: PM
-
NAB opposes acquittal plea of Ahsan Iqbal
-
ECC approves Ramadan Relief Package worth 7.5 billion
-
Haleem gets bail extension in scuffle with officials case
-
Property Tax: Is it about Governance or Politics?