اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پي سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊي پي آءِ ۽ ايف پي سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Haleem moved to hospital from jail over health issues
-
Women of Kashmir demands equal rights on Women’s Day
-
Prime Minister to launch “No One Sleeps Hungry Program” today, Faisal Javed
-
PAYF organizes all-female jirga to acknowledge women’s efforts
-
Gemstones merchants protest wreckless excavation
-
Ashiana housing case: Court reserves verdict on acquittal application of two co-accused
-
Is Yasir Shami going to host a ramzan transmission on Geo?
-
SC reserves judgement on upgradation, premature increments of FDE employees
-
President for modernising beekeeping to boost yield, export
-
PTI nominates Mirza Muhammad Afridi for Senate deputy chairman
-
India’s ‘systematic discriminatory agenda’ condemned in Geneva
-
SHC suspends ex-senator Yasmeen’s jail term in fake degree case